آشا درگاپوري

آشا درگاپوري: بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ جو ادبي نالو ’آشا درگاپوري‘ آھي، ھن 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي 132- راجا پارڪ، سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لھرون“ (1962ع)، ”سنڌي ادبي گلدستو“ (1963ع) ۽ ”شاھ جي شاعري“ (1965ع) شامل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.12.10  عيسوي

آشا درگاپوري 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج محمد فقير
سيد سليمان ندوي
ارباب ڇڄڙو
ڏهرسينه
لطف الله حساماڻي
ايوب کوسو 2
ولي سروري
پير شاهه
حاجي امام بخش چانڊو
ٿڌاڻي اين وي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون